Auhall

Directions

Auhall Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Auhall, Grocers, Qubba Saida Khan.

21/10/2026

نام اللہ کا جو بڑا مہربان رحمت والا ہے اور وہ جو چیز چاہے بولے ہو تو ہو جائے جو بولے نہیں ہو جائے

20/10/2026

میرے اللہ بہت بڑا مہربان اور رحمت والا ہے

09/09/2026

ڀرديوا يو سي ڌوري جي ماڻهن جو آخر قصور ڪهڙو آهي
2010ع کان وٺي اڄ تائين اسان جي روڊ جو ڪم نه ٿيو آهي. ايترا سال گذري ويا حڪومتون بدلجي ويون، ماڻهو بدلجي ويا پر اسان جو روڊ ساڳيو ٽٽل، کڏن سان ڀريل ۽ لاوارث پيل آهي
ٻئي پاسي نبي شاهه روڊ ڏهه ڏهه ڀيرا ٺهيو ستانوي روڊ ڇهه ڀيرا ٺهيو، ڪچي پل ۾ به ست اٺ ڀيرا روڊ ٺهيا، پر ڀرديوا يو سي ڌوري جي عوام لاءِ ڄڻ ڪو روڊ ئي ناهي
آخر اسان جو ڏوهه ڇا آهي
اسان به ووٽ ڏيون ٿا، وڏي اڪثريت سان کٽايون ٿا، پنهنجو پگهر وهايون ٿا، پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ محنت ڪريون ٿا پنهنجي پگهر جي ڪمائي مان ڏيڍ لک، ٻه لک ڏئي موٽر سائيڪل وٺون ٿا، پر هن روڊ تي روز پنڪچر، روز خرچ، روز تڪليف آخر غريب ماڻهو ڪيترو برداشت ڪري
اسان گاڏي شوق لاءِ نٿا وٺون، اسان پنهنجي مجبوري لاءِ وٺون ٿا
ڳوٺ بچل بروهي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ڪيترائي غريب ۽ لاچار ماڻهو هن رستي تي
۽ سڀ کان وڏو درد
هڪ بيمار ماڻهو کي علاج لاءِ اسپتال وٺي وڃي رهيا هئا. گهر وارن جي دل ۾ اميد هئي ته شايد اسپتال پهچي وڃي ته زندگي بچي وڃي
پر روڊ ايترو خراب هو جو هو اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي رستي ۾ دم ڏئي ويو.
ذرا سوچيو
هڪ گهر جو ماڻهو بيمار هو، گهر وارا کيس بچائڻ لاءِ نڪتا هئا، پر رستي جي خراب حالت سندن اميد به کسي ورتي
ان ماءُ کان پڇو، جنهن جو پٽ رستي ۾ دم ڏئي ويو
ان ٻار کان پڇو، جنهن جو پيءُ گهر واپس نه آيو
ان زال کان پڇو، جيڪا مڙس جي واپسيءَ جو انتظار ڪندي رهي.
هي صرف روڊ جا کڏا ناهن
هي ڪنهن غريب جي زندگي ۽ موت جو سوال آهي
اسان جو جنرل سيڪريٽري، ايم پي اي مير نادر خان مگسي جو گل حسن مگسي، آخر ڇو خاموش آهي
اسان جو ڪائونسلر صاحب خان بروهي ڇو خاموش آهي
اسان جو چيئرمين منظور کوسو ڪچي پل کي رنگ ڪرائڻ ۾ ته نظر اچي ٿو، پر ڀرديوا يو سي ڌوري جي عوام جي درد تي سندس نظر ڇو نٿي پوي
اسان ڪنهن کان خيرات نٿا گهرون
اسان پنهنجو حق گهرون ٿا
اسان نٿا چاهيون ته ڪنهن غريب جو جنازو هن روڊ تي نڪري ۽ پوءِ سڀاڻي ماڻهو صرف افسوس جا ٻه لفظ چئي وساري ڇڏين
اڄ ئي هن روڊ جو ڪم ڪرايو
اڄ ئي هن عوام جو آواز ٻڌو
ڇو ته ڪنهن جي زندگي واپس نٿي اچي سگهي
آخر هڪ سوال آهي، جيڪو شايد هر ذميوار ماڻهوءَ جي دل کي لوڏي ڇڏي:
ڀرديوا جا ماڻهو آخر انسان ناهن
اسان جي جان جي ڪا قيمت ناهي
يا اسان کي صرف ووٽ ڏيڻ وقت ياد ڪيو ويندو ゚viralシ

Address

Qubba Saida Khan

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Auhall posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category

Nearby grocery stores