Mr saiar Jan sindhi

  • Home
  • Mr saiar Jan sindhi

Mr saiar Jan sindhi Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Mr saiar Jan sindhi, Grocers, Mirpurkhas sindh, .

11/12/2025

Good news 📰📰📰 good evening

14/11/2025

How are you I love you 💕💕💕💕💕💕💕 ❤️❤️❤️❤️♥️♥️♥️❤️❤️❤️🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🚩🥰🥰🥰🥰🚩🚩🚩🚩🚩

10/10/2025

#پوسٽ مڪمل ضرور پڙھندا 👇 ڪرواچوٿ ورت

ھِي ورت سناتن ڌرم ۾ پتي ۽ پتني جي رشتي جي عظمت جو ورت آهي،

جيڪو ڪارتڪ مهيني جي اونداهي چوٿ تٿ تي ايندو آهي،

هن ڏينهن تي شادي شده ناريون پنهنجي پتي
جي وڏي عمر لاءِ ورت رکنديون آهن.

هي ورت پتي ورت ناريون پنهنجي وواهڪ جيون ۾ آنند منگل سک شانتي ۽ پتي پتني
سنٻنڌ ۾ پريم ۽ مترتا وڌائڻ لاء رکنديون آهن.

سماج ۾ مانيتا آهي ته هي ورت پتي جي وڏي عمر لاء رکيو ويندو آهي.

جنهن گهر ۾ سک شانتي آنند منگل مترتا ۽ پريم قائم هوندو اتي ڪلھ ڪروڌ روڳ اشانتي قرض مرض سڀ پاڻيھي ختم ٿي ويندا آهن.

اتي هميشه صحت ۽ سک قائم دائم رهي ٿو مطلب اُتي انسان جي عمر وڌي ٿي

۽ اسان جي سناتن ڌرم ۾ اها پرمپرا رهي آهي

تہ استري هميشه سهاڳڻ رهي مطلب اُن جي
انتم سواس تائين ان جي مٿان ان جي پتي جو سايو برقرار رهي.

انهي ورت ڌارڻ جو مطلب بہ اهو ئي آهي ته
استريون پنهنجي پتي جي وڏي عمر جي لاءِ ڀڳوان کي پرارٿنا ڪنديون آهن.

ڪروا چوٿ جي ورت ۽ ان سان لاڳاپيل رسمن بابت اهو خيال ڏيکاريو وڃي ٿو ته اهي مهاڀارت واري دور کان به اڳ رائج هئا.

هڪ روايت موجب جڏهن ارجن پانڊو، نيلگرس هليو ويو هو ته سندس غير موجودگيءَ ۾ راڻي دروپدي بيحال ٿي شري ڪرشن کان مدد طلب ڪئي هئي، جنهن کيس ڪروا چوٿ جو ورت رکڻ جي هدايت ڪئي هئي.

ڪروا چوٿ جي ورت متعلق شنڪر ڀڳوان پاران ماتا پاروتيءَ کي شهزادي ويروتيءَ وارو بيان ڪيل قصو پڻ مشهور آهي،.

ڪروا چوٿ جي ورت جو وقت صبح جو سوير سج اُڀرڻ کان اڳ شروع ٿئي ٿو ۽ رات جو چنڊ نظر اچڻ تائين جاري رهندو آهي،

ان وچ ۾ ورت رکندڙ ناريون نه اَن کائينديون آھن ۽ نه ئي پاڻي ڍُڪ پيئنديون آهن.

ان ڏينهن تي ناريون سينگار ڪنديون آهن، هٿن پيرن تي مھيندي لائينديون آهن

۽ ڳاڙهي رنگ جو ويس يا ساڙهي (گهڻو ڪري شاديءَ وارو لباس) پائينديون آهن.

شام جي وقت پوجا ڪئي ويندي آهي، جنهن دوران ورت رکندڙ ناريون، پنهنجي پنهنجي پوجا جي ٿالهي هٿ ۾ کڻي، گول دائري جي شڪل ۾ ويهنديون آهن.

پوجا جي وقت هڪ عورت ڪروا چوٿ جو قصو بيان ڪندي آهي ۽ آخر ۾ گڏجي ڪروا چوٿ جي ڪٿا ٻُڌي، دائري جي شڪل ۾ ٿالهين جي مٽاسٽا ڪنديون رهنديون آهن.

پوجا کانپوءِ ناريون چنڊ اڀرڻ جو انتظار ڪنديون آهن

۽ جيئن ئي کين چنڊ نظر ايندو آهي ته پوجا جي ٿالهيءَ ۾ هڪ پاسي پوجا جي سامان سان گڏ پرڻ، اگربتيون، پاڻي، ماکي ۽ کير وغيره رکي چنڊ کي سامهون بيهنديون آهن.

چنڊ کي ماکي، کير ۽ پاڻيءَ جو ارڳ ڏينديون آهن.

ان کان پوءِ هر ورت رکيل پتني پنهنجي پتيءَ کي پرڻ ۾ چنڊ طرف بيهاري کيس پرڻ ۾ ڏسندي آهي ۽ پوءِ پتي پنهنجي پتني۽ کي پاڻي پيئاري ۽ مٺايون کارائي، سندس ورت ختم ڪرائيندو آهي.

هن سال ڪڙوا چوٿ شڪروار10:10:2025 تي آهي. ورت رکڻ جو شڀ سميہ صبح 6:19 بجہ ۽ ورت کولڻ جو شڀ سميہ رات جو 8:13
💐🙏💐

سنڪلپ ،،
صبح جو پراتڪال جي ڪمن کان فارغ ٿي سنڪلپ ڪريو.

منتر: 'مَم سُک سوبھاگيہ پُتر پَوترا دِي سُستھرَے شري پراپَتيے ڪرَڪ چوترٿِي وَرتَمَهِے ڪرِشِيے'

ارٿات ،،منهنجي سُک، سوڀاڳ، سنتان ،پتي جي وڏي عمر ۽ هر طرح جي خوشحاليءَ لاءِ مان هي ڪَرَڪ چوترٿِي جو ورت رکي رهي آهيان،

💐🙏💐
:منتر
ॐ گڻيشائي نمہ:
ॐ نمہ شِوائي
ॐ شِوائي نمہ:
ॐ شَنمُکائي نمہ:
ॐ سُومائي نمہ:

💐🙏💐
ڪروا چوٿ ورت ڪٿا
ڪروا چوٿ جي موقعي تي روايتي طور تي هيٺ ڏنل ڪٿاؤن ٻڌيون وينديون آهن

ا. ڪروا چوٿ ورت ڪٿا 1
سَتي سَاوتِريءَ جي ڪهاڻي،،

پراچين ڪال جي ڪٿا موجب، جڏهن يمراج ستي ساوتريءَ جي پتي ستيه وَان جا پران وٺڻ ڌرتيءَ تي آيا، ته ستيه وَان جي زال يمراج کان پنهنجي پتي جا پران موٽائي ڏيڻ جي پرارٿنا ڪئي.

يمراج جي انڪار تي، ساوتريءَ اَن ۽ پاڻيءَ جو تياگ ڪري پنهنجي پتيءَ جي مرتڪ شرير وٽ ويهي روئڻ ۽ ضد ڪرڻ شروع ڪيو.
ساوتريءَ جو ضد ۽ نيڪي ڏسي يمراج کي آخرڪار رحم آيو

۽ کيس ساوتريءَ آڏو جُهڪڻو پيو، ۽ هن ستيه وَان کي جيئرو ڪري ڏنو. تڏهن کان اَکَنڊ سوڀاڳ حاصل ڪرڻ لاءِ عورتون ساوتريءَ جي پيروي ڪندي نرجلا (بغير پاڻيءَ جي) ورت رکنديون آهن.

ڪروا چوٿ ورت ڪٿا 2: ساهُوڪار جي ڌيءَ جي ڪٿا،

هڪ ساهُوڪار کي ست پُٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. ڪروا چوٿ جي ڏينهن، ساهُوڪار جي ڌيءَ به ورت رکيو، پر چنڊ نڪرڻ کان اڳ ئي هوءَ بُک کان بي حال ٿي وئي.

سندس حال ڏسي ڀائرن پيار ۾ اچي هڪ دوکو ڪيو. هو شهر کان ٻاهر ويا ۽ هڪ وڻ تي چڙهي آگ ٻاري ڇڏي ته جيئن ان جي روشني پري کان چنڊ وانگر لڳي.
ڀائرن جي چوڻ تي ڀيڻ ان کي ئي چنڊ سمجهي ارگھ ڏئي کاڌو کائي ورتو.

ان ريت وقت کان اڳ ورت ٽوڙڻ سبب رنڊڪون ختم ڪندڙ ڀڳوان سري گڻيش ساهُوڪار جي ڌيءَ کان ڪاوڙجي پيا. گڻيش جي جي ڪاوڙ سبب ان ڇوڪريءَ جو پتي بيمار ٿي پيو ۽ گهر جو سڄو پئسو ان جي بيماريءَ ۾ خرچ ٿي ويو.

ساهُوڪار جي ڌيءَ کي جڏهن پنهنجي ڪيل غلط ڪم جو پتو پيو ته کيس ڏاڍو پڇتايو ٿيو.

هن گڻيش جي کان معافي گھري ۽ وري سڄي رسم و رواج سان ورت شروع ڪري ڏنو.

ورت جي پرڀاو سان ڀڳوان گڻيش جي ان جي پتيءَ کي ٻيهر جيون دان ڏنو ۽ کيس هر طرح جي بيمارين کان آزاد ڪري دولت، ملڪيت ۽ شان و شوڪت سان مالا مال ڪري ڇڏيو.

ڪروا چوٿ ورت ڪٿا 3

ڪروا ڌوٻڻ جي ڪهاڻي
پراڻن موجب ڪروا نالي هڪ نيڪ ۽ پارسا ڌوٻڻ پنهنجي پتي سان گڏ تُنگڀدرا نديءَ جي ڪناري تي رهندي هئي.

هڪ ڏينهن سندس پوڙهو پتي ڪپڙا ڌوئيندي مگرمڇ جي هٿان پڪڙجي ويو.
ڪروا فوري طور تي مگرمڇ کي ڪچي ڌاڳي سان ٻڌي ڇڏيو ۽ مگرمڇ کي وٺي يمراج جي دروازي تي پهتي.

هن يمراج کان پنهنجي پتي کي بچائڻ ۽ مگرمڇ کي سخت سزا ڏيڻ جي گذارش ڪئي.

جڏهن يمراج انڪار ڪيو ته ڪروا يمراج کي شراپ ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني. ڪروا جو هي حوصلو ڏسي يمراج به ڊڄي ويا ۽ مگرمڇ کي يَم پُوري موڪلي ڇڏيو ۽ ڪروا کي سندس پتي جي ڊگهي عمر جو وردان ڏنو.

تڏهن کان ڪارٿڪ ڪِرشن جي چوترٿي تي ڪروا چوٿ ورت جو رواج شروع ٿيو.

💐🙏💐

4. ڪروا ماتا جي آرتي
اوم جئه ڪروا ميا، ماتا جئه ڪروا ميا
جو ورت ڪري توهان جو، پار ڪري ٻيڙي
اوم جئه ڪروا ميا۔

سڄي دنيا جي آهين تون ماتا، تون آهين ردراني
تنهنجو نالو ڳائين، دنيا جون سڀ مخلوقون
اوم جئه ڪروا ميا۔

ڪارٿڪ ڪِرشن چوترٿي، جيڪا ناري ورت رکي
پتي جي عمر وڌي، سڀ ڏک دور ٿين
اوم جئه ڪروا ميا۔

سوهاڳڻيون ناريون، سُک ۽ ملڪيت حاصل ڪن
گنپتي جي وڏا مهربان، سڀ رنڊڪون ختم ڪن
اوم جئه ڪروا ميا۔

ڪروا ميا جي آرتي، ورت رکي جيڪا ڳائي
ورت پورو ٿي وڃي، سڀ وِڌين سان سُک ملي
اوم جئه ڪروا ميا۔ Satram Kh P Morani Shair Moti Oad Chatoon Mal Oad Rajput

ایک لڑکی نے گھر سے بھاگنے کا فیصلہ کیا،،، رات 2 بجے لڑکی کا دوست گھر کے باہر گیٹ پر انتظار کر رہا تھا۔ لڑکی نے چھت سے جھ...
25/08/2025

ایک لڑکی نے گھر سے بھاگنے کا فیصلہ کیا،،، رات 2 بجے لڑکی کا دوست گھر کے باہر گیٹ پر انتظار کر رہا تھا۔ لڑکی نے چھت سے جھانک کر دیکھاتو..See more🙏🙏🔥🔥🔥

سدائين هاري پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ انهن کي بااثر وڏيرن جي نجي جيلن مان آزادي ڏيرائيندڙ، اسان جي پراڻي ساٿي ايڊ وڪ...
20/07/2025

سدائين هاري پورهيتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ انهن کي بااثر وڏيرن جي نجي جيلن مان آزادي ڏيرائيندڙ، اسان جي پراڻي ساٿي ايڊ وڪيٽ ڪانجي راڻو مل ڀيل جي مان واري ڌيءَ ادڙي ريکا ٻائي کي ڪراچي يونيورسٽي مان گريجيوئيشن جي ڊگري مڪمل ڪرڻ تي سڄي خاندان سميت سموري ڀيل برادري کي لک لک مبارڪون قبول پون. ذاڪرشر کپرو ❤🙏🙏🙏🙏🙏🙏👏🥰🙏

18/07/2025

New Raksha Bandhan 2025 👇👇👇👇👇

انا للہ و انا الیہ راجعون !!! اس بھائی کی اس طرح موت نے ہر کسی کو رُلا دیا، بس ذرا سی غفلت اور یہ حادثہ۔۔۔See More
15/07/2025

انا للہ و انا الیہ راجعون !!! اس بھائی کی اس طرح موت نے ہر کسی کو رُلا دیا، بس ذرا سی غفلت اور یہ حادثہ۔۔۔See More

Address

Mirpurkhas Sindh

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mr saiar Jan sindhi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

  • Want your business to be the top-listed Grocery Store?

Share