02/08/2024
مدرسه صبغت الفيض شاخ جامعہ الراشديه درگاھ شريف
ڳوٺ خانڻ منڱريو ڍاڀي ۾ الحمدلله اسانجي پياري برادر حضرت حافظ قاري شفيع محمد سڪندري دامت فيوضھم جن جي محنت ھڪ ڀيرو ٻيھر اسان سڀني جو ڳاٽ اوچو ڪيو آھي سندن سالن جي پوک نيٺ مٺو ثمر ڏيڻ شروع ڪيو اڄ 26 محرم الحرام1446 بمطابق 02آگسٽ 2024 تي پنجين صائمہ بنت حاجي خان منڱريو قرآن پاڪ حفظ جي تڪميل ڪئي آھي ماشاءالله سبحان الله اسان جون نياڻيون جڏھن حقيقي زيور قرآن پاڪ جي حفظ سان پنھنجا سينا مزين ڪن ٿيون ته حقيقي معنيٰ ۾ گھر ۽ معاشرو ٻئي بھتري جي طرف قدم وڌائين ٿا اسان ھن نياڻي جي حفظ کي مرحوم ڏاڏا فقير حاجي محمد بچل مرحوم فقير الهجڙيو منگريو ۽ رسول اللہ صلی اللہ عليہ وسلم جي سموري مرحومہ امت کي ايصال ثواب طور پيش ٿا ڪريون اسين الله تعالي جي پاڪ ڪلام سان ھن معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي ڪوشش پيا ڪنداسين اسان جون نياڻيون به حفظِ قرآن ڪري ھميشه وانگر جماعت جو پر امن پيغام پھچائين ٿيون بيشڪ الله پاڪ جا ڪروڙين ڪرم آھن جو اسين نياڻين کي تعليم ڏيڻ ۾ اڳڀرا آھيون الحمدلله مرشد سھڻي امام العارفين نورالله مرقدہ جي صدقي حافظ شفيع محمد سڪندري وڏي ڪاميابي ماڻي رھيو آھي الله پاڪ نياڻي ۽ ان جي والدين ۽ استاذ ۽ ان جي تمام اھلِ خانه کي ھميشه پنھنجي حفظ و امان ۾ رکي
لک لک مبارڪون ھجن امان نياڻي ۽ حافظ صاحب ۽ سندس همشيره زاهدان باجي کي جيڪي حقيقي مبارڪباد جا مستحق آھن
مدرسه صبغة الفيض شاخ جامعہ الراشديه درگاھ شريف
ڳوٺ خانڻ منڱريو ڍاڀي