17/02/2024
بريڪنگ نيوز
پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته پير پاڳارو مارشل لا لڳائڻ جي دعوت ڏئي آرٽيڪل 6 جو ڏوهه ڪري رهيو آهي، پير پاڳاري مارشل لا کي عدليه جي تحفظ جون ڳالهيون ڪري عدالتي توهين ڪئي آهي، چيف جسٽس پير پاڳاري جي ڳالهين جو نوٽيس وٺي
حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران نثار کهڙي چيو ته پير پاڳارو هوش کان ڪم وٺي، ملڪ نئين اليڪشن جي سٽ نه ٿو سهي سگهي
پ پ اڳواڻ شازيه مري به ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران پير پاڳاري کي تنقيد جو نشانو بڻايو
شازيه مري چيو ته هاڻوڪين چونڊن جي نتيجن ثابت ڪيو ته سانگهڙ ۽ خيرپور ۾ به پير پاڳاري جا مريد نه رهيا آهن
پير پاڳاري جي مريدن کي به ووٽ ڏيڻ ۽ اظهار جي آزادي هجڻ گھرجي
✔️✔️
وڌيڪ نيوز اپڊيٽ لاءِ اسان جي فيسبڪ پيج کي فالو ڪندا