26/07/2026
مورورپورٽ عرفان عادل ابڙو
سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ھڻڻ ۽ جلال پور ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي.
مورو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ھڻڻ ۽ جلال پور ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻ رمضان ٻرڙو، ياسين سومرو، صمد ڀٽي، امتياز ڏاھري، مھر وسطڙو، سڪندر ڪلھوڙو، خادم سيال ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. احتجاجي ريلي ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ قانوني تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ جسقم جي قربان ڇڄڙو، جگديش ڪمار، جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي عبدالمالڪ ابڙو، وڪيل گلزار عالماڻي، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي عباس حب ۽ عوامي ورڪر پارٽي جي امير علي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ شامل هئا. اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جي زندگي، زراعت، معيشت ۽ ثقافت جو بنيادي سرچشمو آهي، ان جي پاڻي تي ڪنهن به قسم جو ڌاڙو يا ناجائز قبضي جي ڪوشش سنڌ جي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. ھنن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي پهريون حق سنڌ واسين جو آهي ۽ درياءَ مان پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ يا نوان منصوبا صوبي جي مفادن خلاف آهن. ھنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي پاڻي سان لاڳاپيل تڪراري منصوبن کي فوري طور واپس ورتو وڃي، جلال پور ڪئنال بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ ۾ وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو. مظاهري ۾ شريڪ ماڻھن سخت نعريبازي ڪندي سنڌ جي پاڻي جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان پڻ ڪيو.