27/04/2025
*سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، لاَلَچِ ڇَڏي لوڀَ،*
*سُپيرِيَان سين صوبَ، نِنڊوُن ڪَندي نَہ ٿِئي.*
محترم سائين!
سيد سردار علي شاه تعليم وزير سنڌ۔
سائين جن کان گذارش آهي ت GPS عاقلي پاڙو مٺي جي موجوده صورتحال تي مدنظر رکندي اسان جي اسڪول کي مناسب ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۔
👈موجوده اسڪول جي صورتحال؛
اسان جي اسڪول جا ٽوٽل چار ڪلاس روم آهن, ھڪ اڀرو سڀرو واشروم، ڦوٽ کاڌل ٿلهو،ٻ پاڻي جا ٽانڪا ۽ چئني طرف ڊينگهر وڇايل لوڙهو آھي۔
چار ڪمرن مان هڪڙو 2014 جو ٺهيل آھي جنهن مان رڳو مٽي ڪري پئي، ٻ ڪلاس روم 2018 ۾ ٺهيا جنهن جي ٺيڪي ۾ ٺڳي ڪئي وئي اهي ب 2014 واري ڪمرن کان هڪڙو قدم پوئتي آهن،باقي رهيو آخري چوٿون ڪمرو اهو اڃا 5-10 سال رڙهي سگهي ٿو۔ واشروم هڪ ئي يعني پيشاب ۽ سوسو لاء عام آھي, ٻن ٽانڪن مان هڪڙي ۾ ت هيٺيان کان ڏار پئجي ويا آهن باقي رهي ڳالھ لوڙهي جي ڊينگهرن جي اهي ت ڪڏهن ڪڏهن هوا ۾ اڏاميو وڃن ۔
👈اسڪول جي Capacity ۽ پرڀاسي جا پاڙا؛
اسان جي اسڪول ۾ 160 شاگردن جي لاء ئي فرنيچر ۽ جڳھ آھي اتي لڳ ڀڳ 250 شاگرد ويهن ۽ پڙهن ٿا۔ان کانسوء اسڪول جي ڪنهن ب ڪمري ۾ ن بلب، ن پنکو ايتري قدر جو بجلي جو ڪاب تصور ئي ڪونهي۔۔جنهن جي ڪري ننڍڙن معصوم شاگردن کي هڪڙو ت 45ڊگري ايڏي وڏي گرمي ۾ چڪر اچيو وڃن ٻيو ت انهن شاگردن جي سکڻ جي صلاحيت ب گهٽيو وڃي ان سان گڏوگڏ پاڻي جي سهوليت ب ن هئڻ جي برابر آهي جنهن جي ڪري گرمي ۾ اڃ مريو وڃن 😢
۽ نمبر ٻي ڳالھ ت اسان جي اسڪول کي ٻورلي پاڙو، عاقلو پاڙو،پوسڙڪو پاڙو،نبيسر پاڙو،ٽاڀا ڪالوني،ڪاڳيا ڪالوني،پارواڻي ڪالوني ۽ دراوڙ محله لڳن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ انهن ڪالونين ۽ پاڙن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون اينرولڊ آهن۔
جناب اعلي!
هاڻي وڌيڪ توهان ئي اندازو لڳائي سگهو ٿا ت هن صورتحال ۾ پڙهائي، پڙهائڻ وارن ۽ پڙھڻ وارن جو ڇا رجحان هوندو۔
تنهنڪري مهرباني 🙏ڪري دوستو هن ميسيج کي اڳتي پهچايو ۽ پنهنجن پيارن جو مستقبل کي بچايو ۽ سنواريو۔
پڙهندي سنڌ ت وڌندي ئي سنڌ۔👍
سائين سيد سردار علي شاھ کان وري ب التجا آهي ت اسان جي هن ميسيج کي عمل ۾ آڻيو وڃي🙏🙏
توهان جا طلبگار؛
عاقلي پاڙي جا رهواسي۔
plz share it.👈.
SaveEducation
SaveFutureOfChilderns