05/07/2026
روپا فائونڊيشن بدين طرفان جمعي جي شام بدين ۾ وڌندڙ چورين ۽ بدامني جي صورتحال خلاف هڪ اهم ۽ باوقار ميٽنگ منعقد ڪئي وئي.
هن ميٽنگ ۾ سومرا ڪميونٽي جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي ذميواري جو ثبوت ڏنو. مختلف ڳوٺن مان آيل متاثر ماڻهن کان چورين ۽ ڦورن بابت تفصيلي معلومات حاصل ڪئي وئي، جنهن سان علائقي جي حقيقي حالتن جو جائزو ورتو ويو.
📌 اهم فيصلا ۽ تجويزون:
• ضلعي انتظاميه سان باقاعده ميٽنگ ڪرڻ جو فيصلو
• هر ڳوٺ مان ذميوار، ايماندار ۽ نيڪ ماڻهن تي مشتمل يونٽ قائم ڪرڻ جي تجويز
• امن امان جي بحالي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ
🤝 اهو عزم ڪيو ويو ته سماج جي امن، تحفظ ۽ انصاف لاءِ گڏجي آواز اٿاريو ويندو ۽ هر سطح تي ڪوششون جاري رکبيون.